ڀيلي ٻوليءَ جا لهجا

ڀيلي ٻوليءَ جا لهجا: ڀيل قبيلو سنڌ سميت سڄي هندستان ۾ پکڙيل آهي، جتي جتي به ڀيل رهن ٿا انهيءَ علائقي جو ثقافتي ۽ سماجي اثر وٺڻ سان گڏ ٻوليءَ جو به اثر وٺن ٿا، تنهنڪري سندن ٻوليءَ ۾ مقامي لهجن ۽ لفظن جو گهڻو ميلاپ نظر اچي ٿو، جيئن ته گهڻو ڪري اڻ پڙهيل آهن. ان لاءِ سندن ٻولي لکت ۾ ڪا نه آهي، صرف مذهبي ٽوڻا ڦيڻا ڪن هنڌن تي مختلف هندستاني رسم الخطن ۾ ملن ٿا. سندن ٻوليءَ جي زميني ڦهلاءَ ۽ مختلف ثقافتن جي رنگا رنگي لوڪ ادب گيتن توڙي ڪهاڻين جي صورت ۾ موجود آهي، جيڪو سيني به سيني هلندو رهي ٿو. ڪڏهن دراوڙ ته ڪڏهن (سر گريئرسن Linguistic Survey of India-Indo-Aryan FamiliesIII-PP.5) مندا لوڪن مان سڏجن ٿا. هندستان جي آدمشماري واري رپورٽ مان (1997ع- 1994ع- 1907ع) سندن وسندين بابت خبر پوي ٿي، جتي جتي رهن ٿا اتي پنهنجو الڳ لهجو ڳالهائين ٿا سندن رهڻ جون ظاهر جايون ۽ لهجا هيٺ ڏجن ٿا:
(1) سنڌ ۾ سنڌي ڀيلي، (2) ڪڇ ۾ اهيري لهجو، (3) پنجاب ۽ راجپوتانا ۾ بائوري لهجو، (4) ڇوٽا اڌيپور ۾ بيرل (Barel) لهجو،
(5) پنج محل ۽ ٿانا ۾ چراني (Charani) لهجو، (6) سورت ۽ نوساري ۾ چوڌري (Chaudhri) لهجو، (7) کانديس ۾ ديهه والي لهجو، (8) سورت ۽ ٿانا ۾ ڌوديا (Dhodia) لهجو، (9) ٿاني ۽ جوهر ۾ دبلي لهجو،
(10) سورت ۽ نوسار ۾ گمتي (Gamti) لهجو، (11) مارواڙ ۽ سروهي ۾ گريشيا لهجو، (12) نواساري، سورت، سرگنا، ناسڪ ۽ کانديس ۾ ڪوڪاني لهجو، (13) کانديس ۾ ڪوٽلي لهجو، (14) مروارا ۾ مواچي ۽ مگراڪي لهجو، (15) ناسڪ ۽ سرگنا ۾ نهاري يا بگلاني لهجو، (16) بيوا ڪنٿا، پنج محل ۽ سورت ۾ نائڪڙي (Naikdi) لهجو، (17) بلدانا ۾ پنچالي لهجو، (18) بيرار ۽ چندا ۾ پرڌي لهجو، (19) کانديس ۾ پاوري (Powri) لهجو، (20) نمار ۾ راناوت (Ranawat) لهجو، (21) ناواساري ۾ راني ڀيل لهجو، (22) ديوا ڪنٿا ۾ رٿوي (Rathvi) لهجو، (23) مدناپور ۾ سيال گر (Siyalgir) لهجو، (24) جڏهن ته راجپوتانا، وچ هندستان ۽ بمبئي پريزيڊنسي ۾ واگڙي (Wagdi) لهجو ڳالهايا وڃن ٿا.
تـمام وڏي علائقي ۾ هيءَ ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، جيئن جيئن اتر اوڀر طرف وڃبو تيئن هن تي راجستاني ٻولين جو اثر چٽو نظر اچي ٿو. اولهه ڏکڻ ۾ هن تي مراٺي ٻوليءَ جو اثر آهي. خود مراٺي ٻولي جيڪا اڄ موجود آهي، ان جو اصل بنياد ڀيلي ٻولي آهي. وري اڃا به اوڀر طرف وڌو ته هن تي کانديسي ٻوليءَ جو گهڻو اثر نظر ايندو. ائين کانديسي سرحد کان هلندي اترندي ناسڪ ۽ دنگ ۾ ڀيلي پنهنجو وجود خالص کانديسي ۾ وڃائي ويهي ٿي. ان ۾ ڀيلي لهجن جو هڪ سلسلو (Chain) نظر ايندو، جيڪو راجستاني ٻولين کان هلي گجراتي کانديسي ۽ مراٺي ٻولين تي ختم ٿئي ٿو. ڪن هنڌن تي ڪي ٻيا لهجا اثر انداز ٿين ٿا، نه ته عام طور گجراتي ٻوليءَ جو گهڻو اثر رهي ٿو. پونهار ۾ مراٺيءَ جو اثر تمام گهرو ڏسجي ٿو، اهڙو چٽو اثر ڪنهن ٻئي هنڌ ناٿي. ڀيلي جو بهترين لهجو ماهي ڪنٽا (Mahi Kanta) ۾ ڳالهايو وڃي ٿو. ماهي ڪنٽا جي اتر-اوڀر ۾ ميواڙ جو پهاڙي علائقو آهي، جتان جي مکيه ٻولي ڀيلي آهي، پر لهجو ذري گهٽ اهڙو ئي آهي جهڙو ماهي ڪنٽا ۾ ڳالهايو وڃي ٿو. ان تي بهرحال مارواڙي جو اثر نظر اچي ٿو. اهو اثر (هتي ماهي ڪنٽا واري لهجي تي) تيئن پوءِ تيئن اترندي طرف راولي ۾ ڳالهائي ويندڙ لهجي کي گراشيا (Girasia) يا نير (Nyer) سڏين ٿا. اڃان اترندي طرف مارواڙ صوبي جي ڏکڻ طرف وڃبو ته ان لهجي کي مگري (Magri) چون، پر اصل ۾ اها ٺيٺ مارواڙي آهي. ماهي ڪنٽا طرف هڪ ٻيو لهجو به ڳالهايو وڃي ٿو، جنهن کي مالوي (Malvi) چئجي ٿو. اهو ماهي ڪنٽا جي اوڀر ۾، دنگارپور، بنسوار، پرتاب ڳڙهه، تلام ۽ ڍار (Dhar) ۾ ڳالهائجي ٿو. ماهي ڪنٽا خود به ڀيلي ٻوليءَ جو لهجو آهي، جيڪو هن ٻوليءَ کي نماري ۽ معياري گجراتي سان ڳنڍي ٿو. اهڙي نموني هڪ لهجو اهير به آهي، جيڪو ڪڇ ۾ ڳالهايو وڃي ٿو ۽ اهو لهجو هونئن ته گجراتيءَ سان واسطو رکي ٿو پر غور ڪبو ته هن جو گهرو لاڳاپو مراٺي ٻوليءَ سان به نظر ايندو. اهو لهجو ڇوٽا اڌيپور ۽ راجپيلا ۾ ڳالهايو وڃي ٿو. اهو لهجو پنج محلا جي هوريان ميراٺي ۽ کانديسي ٻولين وارن علائقن ڏانهن وڃي ٿو. ۽ اهو لهجو پنج محلا جي اڀرندي پاسي گهڻو رواج هيٺ آهي. اتر ڀيلي لهجا گهڻو ڪري گجراتي ۽ راجستاني ٻولين جي اثر هيٺ آهن. هن پاسي پواري لهجو اتر کانديسي ۾ گهڻو رواج هيٺ آهي، جيڪو بيرل سان ملندڙ آهي ۽ ان جي ضلعن ۾ ڀيلي جا لهجا راني، چوڌري، گمتي ۽ ڍونڍيا به ڳالهايا وڃن ٿا. ’راني‘ لهجو ڀيلي کي ’پاؤري‘ لهجي سان ملائي ٿو. راني لهجي ۾ ڪوڪاني ٻوليءَ جو اثر به آهي. سنڌ ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ تي سنڌي جو اثر آهي. هتي واري لهجي کي سنڌي ڀيل سڏجي ٿو. جيڪا گهڻو ٿر ۾ ڳالهائجي ٿي. انهن لهجن جي اهڙي رنڱا رنگي سبب گهڻائي سوال اٿن ٿا، جڏهن ته هيءَ آريائي زبانن مان ناهي، پر لڳي ٿو ته هن ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن کي اڳتي هلي ڌاريون زبانون ڳالهائڻيون پئجي ويون آهن، ڇو ته ٻولي جي جوڙجڪ ۾ اهڙا کوڙ عنصر بيٺا آهن. ڀيليءَ جي لهجن ۾ ڪيترائي لفظ اهڙا آهن، جيڪي اصل آريائي ٻولين جي بنياد مان ڪو نه آهن، ڪي لفظ ته مورڳو منڊا ٻولين جي سٿ جا آهن، جيئن لفظ تهي (Tahi) جنهن جي معنيٰ ڳئون جو کير آهي، سو منداري ٻوليءَ ۽ بود (Bod) معنيٰ پٺيان جيڪو لفظ اصل ۾ کيريا ٻوليءَ جو آهي. اهڙي نموني ٻيا به لفظ آهن جن جو واسطو درواڙي ٻولين سان آهي.
ٽي لفظ تلپا (Talpa) معنيٰ مٿو، تولي معنيٰ ڳئون ۽ الکو معنيٰ ڍڳو. اهي ٽئي دراوڙي ٻولين جا لفظ آهن. تلپا تامل، تالي يا تولي منداري ۽ اکلو، ڪنڙ ٻولين جا لفظ آهن. تنهن هوندي به اسان وٽ منڊا خاندان ۽ دراوڙي خاندان جي ٻولين جو ايترو گهڻو ذخيرو موجود ڪو نه آهي جو پٽياڪر منڊا خاندان چئي سگهون، پر اهو چئي سگهون ٿا ته ٻنهي خاندانن جي زبانن ۾ هڪٻئي جا لفظ مروج آهن، خاص ڪري انهن خطن ۾ جتي ٻئي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. اهو به اندازو ٿئي ٿو ته اهي ٻئي ٻوليون ڪنهن حد تائين هڪ ٻئي سان ملي ويل آهن، جو مختلف وقتن تي ڌاريان حملي آور پئي آيا آهن، جنهن ڪري ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ وارا هتي رهجي ويا پوءِ سندن ٻوليءَ مقامي ٻولي کي متاثر ڪيو ۽ مقامي ٻوليءَ سندن ٻوليءَ تي اثر ڪيو، جنهن ڪري ڪيترائي لهجا ٺهي پيا آهن. اهو اثر رڳو لهجن تي ڪو نه پيو پر وياڪرڻ به متاثر ٿيو. ان لاءِ ڀيلي ٻوليءَ ۾ غير آريائي لفظن واري ذخيري تي وڏي تحقيق جي ضرورت آهي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو